ڍنڍي شهر

ڍنڍي شهر (ماڳ): سنڌ جا اڪثر قديم شهر ڍنڍن، ڍورن يا درياهي شاخن تي آباد هوندا هئا، انهن مان موجوده ضلعي بدين ۾ هڪ ڍنڍي شهر به هو، جيڪو درياهه جي شاخ لڳ هوندو هو. ديهه سومرڪي جي هڪ شاخ، جنهن جا نشان اڄ به ڳوٺ ساجن سومري لڳ ۽ ڍنڍي ڳوٺ جي اولهه ڏکڻ ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. هڪ ٻيو وهڪرو جيڪو نصرپور کان نڪري ’سڏيرڻ جي ڏندي/ ٺلهه‘ کان سعيدپور ٽڪر جي اوڀر دنگ تي گوپانگن جي ڳوٺن وٽان وهي ’ڍنڍي‘ شهر جي اولهه مان گذرندو هو. تاريخ ۾ ڍنڍي شهر مذهبي حوالي سان اسماعيلي خواجن جي بزرگن جو آستان رهيو آهي. شيخ ممون بزرگ ’ڍنڍي‘ شهر ۾ رهندو هو. هي آڳاٽو پير هو، جيڪو سيد جميعل شاهه گرناري جو مريد هو. سندس درگاهه ڍنڍيءَ جي اوڀر اتر ۾ ’درگاهه شيخ ممون‘ جي نالي سان آباد آهي. ان کانسواءِ شيخ ڪپور ۽ نظام الدين جون مزارون پڻ هن ئي علائقي ۾ آهن. سنڌ ۾ خواجن جي گھڻائي هنن بزرگن جي معتقد آهي. ڪن روايتن موجب ڍنڍي شهر سومرن جي دؤر کان آباد هو. سمن جي دؤر ۾ پڻ هي شهر تبليغي مرڪز طور ڄاڻايو ويو آهي.
مير علي شير قانع هن ماڳ جو ذڪر شهر ’محمد طور‘ جي نالي سان ڪيو آهي. هن ماڳ جي قديمي ۽ تاريخي هجڻ جو ثبوت دڙي کان اولهه طرف بيٺل ٽن قبن واري مسجد آهي. هن مسجد ۾ نماز پڙهڻ لاءِ ٻن يا ٽن صفن (قطارن) جي گنجائش آهي. مسجد جو ڏکڻ وارو پاسو ڪجهه شهيد ٿي ويو آهي. ان طرف چون ٿا ته مدرسو به هو، جنهن جي بنيادن جا نشان مسجد جي بنيادن جي برابر مٿاهين ٽٻي تي ڏسجن ٿا. هن مسجد جي اندرين ايراضي 30x20 فوٽ ٿيندي.
مسجد جي محراب واري قبي 50 فوٽ کن اوچي ٿيندي. هن مکيه وڏي قبي جي ٻنهين پاسي هڪ هڪ ننڍي قبي آهي. هوا لاءِ مسجد کي ٻه مکيه منگهه، هڪ ڏکڻ طرف کان ۽ هڪ اتر طرف کان آهي. هن مسجد جي اڱڻ ۾ بيٺل کٻڙن جي وڻن واري ايراضي 50 فوٽ کن هم چورس آهي. هيءَ مسجد تعمير جو عمدو نمونو آهي.
هن مسجد جي تعمير ۾ ونگن جي ڏانءُ کان ڪم ورتو ويو آهي، جيڪي ونگ ڏهن جي تعداد ۾ آهن. مسجد جي ديوارن ۾ هوا لاءِ ٽي دريون هڪ پاسي ۽ ٽي دريون ٻئي پاسي ٺهيل آهن ۽ انهن تي ننڍا قبا ٺهيل آهن. هن مسجد جي اوڀر طرف عيدگاهه ۽ مساڻ به هئا.
سنڌ جي حاڪم ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي دؤر ۾ ’ڍنڍي‘ شهر پرڳڻي طور استعمال ٿيندو هو. ڊاڪٽر محمد ابراهيم سنڌيءَ لکيو آهي ته ڍنڍي شهر کي ڪتاب ’ حديقة الاولياء‘ جي سنڌي ترجمي ۾ ’ڏندي‘ لکيو ويو آهي، جيڪو درست ’ڍنڍي‘ ٿيندو.
هن شهر مان لڌل ڪن سڪن وسيلي ڍنڍي شهر جي قدامت بابت ڄاڻ ملي ٿي. هي شهر تمام پراڻو ۽ ڪنهن زماني ۾ اوج تي هو. هن شهر ۾ سنڌ جو سرموڙ شاعر شاهه عبداللطيفءَ ڀٽائي پنهنجي عزيز سيد محمد صلاح بن ابوبڪر وٽ اچي رهندو هو. روايت موجب هي اهو زمانو هو، جنهن ۾ شاهه سائينءَ پنهنجي تڙ ڏاڏي سيد شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جو مقبرو ٺهرايو. لوڪ شاعريءَ ۾ پڻ هن شهر جو ذڪر ملي ٿو. مثال:
ڍنڍي ۾ ڍورو،
ڀالن هنيا ڀنڀرا،
اجڙيا آري پوٽا.
1877ع کان ويندي 1940ع تائين هن شهر جي آباد رهڻ جو تذڪرو ملي ٿو، پر ورهاڱي کانپوءِ هي شهر بلڪل ختم ٿي ويو. ڪجهه عرصي کانپوءِ 1960ع ڌاري جڏهن هن علائقي مان پيڃاري، ڍنڍي ۽ بلڙي شاخون نڪتيون ۽ زمين آباد ٿي ته ڍنڍي شهر نئين سر آباد ٿيو.
هن وقت ڄاڻايل شهر ۾ شيخ، ميربحر (ملاح)، سومرا، کامڙيا، سٺيا ۽ ماڇي رهندڙ آهن. هتي رهندڙ سٺين کي ’ڍانڍي سٺيا‘ چيو وڃي ٿو. ڍنڍيءَ ۾ رهندڙ مشهور شخصيت مولانا الهڏنو ملاح آهي، جنهن ان ڳوٺ ۾ هڪ مدرسو، مسجد ۽ 1983ع ۾ اسڪول به کولرايو.
¨ موجوده وقت ۾ ’ڍنڍي‘ نالي هڪ ديهه تعلقي ميرپوربٺوري ۾ به موجود آهي. ان کان سواءِ سکر ۾ هڪ يونين ڪائونسل به ڍنڍي نالي سان آهي،
¨ ڍنڍي نالي هڪ علائقو/ شهر، ٽنڊي محمد خان کان 25 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي سجاول روڊ تي به واقع آهي.


لفظ ڍنڍي شهرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو